توتي چنڊول

توتي چنڊول: هي پکي ڪاري مٿي وارو چنڊول آهي. هي 13 سينٽي ميٽر بت رکندڙ، ريتيلي ناسي پٺيءَ وارو پکي آهي. هن جي ڳچي، پيٽ ۽ مٿو ڪارا ٿين. پيشاني، ڳل ۽ ڪنن وارو حصو اڇو ٿئي. نر ۽ مادي مختلف رنگ جا ٿين ٿا. هن جي مادي ميرانجهڙِي چوٽيءَ واري توتي چنڊول جي ماديءَ جهڙي ٿئي ٿي، جيڪا رنگ ۾ جهرڪيءَ جهڙي هوندي آهي. توتي چنڊول جي چهنب ننڍي ۽ ٿلهي ٿئي ٿي.


لفظ توتي چنڊولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو